سامتياڻي ڳوٺ

سامتياڻي ڳوٺ: تعلقي دادوءَ جو هيءُ ڳوٺ ڀان، سعيدآباد- جوهي روڊ جي ڀر ۾ ڀان سعيد آباد لڳ پير شاخ وٽ آهي. هن ڳوٺ جو وجود سمن جي دور کان آهي، جڏهن اڃا ڀان شهر جو وجود به نه هو.
سامتياڻي ڳوٺ پنهورن جي رياست جي گاديءَ جو هنڌ هو. هيءُ ڳوٺ ديني تعليم جو مرڪز رهيو آهي. هتي جا ڳوٺاڻا خوشحال، ديندار ۽ زميندار هئا. مغلن جي دور ۾ قاضي عبدالواحد نالي هڪ بزرگ عالم هتي رهندو هو، جنهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي احمد بيگ جي ڀاءُ مرزا يوسف اتان جي هڪ رهاڪو ابراهيم بلوچ جي هٿان ڦٽڪا هڻايا هئا. انهيءَ مامري کانپوءِ ڪيترا ماڻهو هي ڳوٺ ڇڏي لڏي ويا. ان کانپوءِ هن گاديءَ کي ميان يار محمد ڪلهوڙي به تباهه ڪرائي ڇڏيو، جنهن سبب پنهورن جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ ڪافي پنهور ۽ ٻيون ذاتيون هن ڳوٺ مان لڏي ويون. ڪلهوڙن جي دؤر کانپوءِ وري هن ڳوٺ کي پنهورن، جتن ۽ هندن زور وٺرايو، پر وري ورهاڱي وقت هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري هيءُ ڳوٺ پنهنجو اوج وڃائي ويٺو. هن وقت به هيءُ ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ پنهور، پيرزادا، جت ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو